Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 1:13 - Sindhi Bible

13 ۽ اُنهن شمعدانن جي وچ ۾ ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص هو، جو پيرن تائين هڪڙيءَ پوشاڪ سان ڍڪيل هو، ۽ ڇاتيءَ تي هڪڙو سونو سينہ بند ٻَڌل هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 انھن شمعدانن جي وچ ۾ مون ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ڏٺو، جو پيرن تائين ھڪ ئي پوشاڪ پھريل ھو ۽ ڇاتيءَ تي ھڪڙو سونو سينابند ٻڌل ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 1:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي جي مٿان ٻڌڻ لاءِ ڪاريگريءَ سان اُڻيل ڪمربند هو، جو چوگرد ڦري ٿي آيو؛ اهو ساڳئي ٽڪر مان هو، ۽ مٿس انهي جهڙو ڪم ٿيل هو، يعني اهو، سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


سچائي هن جي چيلهہ جو پٽو ٿيندي، ۽ ايمانداري هن جي گردي جو پٽو ٿيندي.


۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.


۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون.


منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.


پوءِ هن کي پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائينس، ۽ جبو ڍڪايائينس، ۽ مٿس اُفود وڌائين، ۽ اُفود وارو ڪاريگريءَ سان واڻيل ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌائينس، ۽ انهي کي ٻڌي قابو ڪيائين.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو بادل آهي؛ ۽ انهي بادل تي ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص ويٺو آهي، جنهن جي مٿي تي سونو تاج آهي، ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو اٿس.


۽ پاڪ جاءِ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي صاف ۽ چمڪندڙ ڪتاني ڪپڙي سان ڍڪيل هئا، ۽ سندن ڇاتين جي چوڌاري سونا سينابند ٻَڌل هئا.


افسس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن شمعدانن جي وچ ۾ ٿو هلي، سو چوي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ