تون سَرن ۾ رهندڙ جهنگلي جانورن کي ۽ سانن جي ٽوليءَ کي، ۽ اُمتن جي گابن کي ڌمڪايو، جي چانديءَ جي سڪن کي پائمال ٿا ڪن؛ جن قومن کي جنگ ڪرڻ ۾ خوشي ٿي ٿئي، تن کي هن ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي.
قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.
۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.