Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 92:2 - Sindhi Bible

2 صبح جو تنهنجي ٻاجهہ جو، ۽ ڏهاڙي رات جو تنهنجي وفاداريءَ جو بيان ڪرڻ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بيشڪ صبح جي وقت تي تنهنجي دائمي شفقت جو ذڪر ڪرڻ، ۽ رات جي وقت تي تنهنجي وفا جو بيان ڪرڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 92:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کانسواءِ دائود ۽ لشڪرن جي سردارن آسف ۽ هيمان ۽ يدوتون جي پٽن مان ڪن کي خدمت لاءِ ڌار ڪيو، تہ هو بربطن ۽ تنبورن ۽ جهانجهن سان نبوت ڪن: ۽ انهن جو شمار جن انهيءَ ڪم ۾ خدمت ٿي ڪئي:


پر ڪوبہ ڪو نہ ٿو چوي، تہ منهنجو خالق خدا ڪٿي آهي، جو رات جو راڳ ڏئي ٿو؛


آءٌ رحم ۽ انصاف جو گيت ڳائيندس: اي خداوند آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس.


هر روز آءٌ توکي مبارڪ چوندس؛ ۽ سدائين تنهنجي نالي جي تعريف ڪندس.


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو؛ ڇو جو اسان جي خدا جي لاءِ تعريف ڳائڻ چڱو ۽ دلپسند ڪم آهي؛ تعريف ڪرڻ چڱي ڳالهہ آهي.


تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس.


منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ نجات جو بيان ڪندو، ڇالاءِ جو انهي جي شمار جي مون کي خبر ڪانهي.


مون پنهنجي مصيبت جي ڏينهن خداوند کي ڳوليو: مون رات جو پنهنجا هٿ ڊگهيريا ۽ ڍرا ڪين ڪيم؛ پر منهنجيءَ جان کي تسلي ڪانہ آئي.


جڏهن منهنجا دشمن پٺ تي ٿا هٽن، تڏهن اهي تنهنجي اڳيان ڪري نابود ٿا ٿين.


آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


پر آڌيءَ رات ڌاري پولس ۽ سيلاس دعا پئي گهُري، ۽ خدا جي تعريف جا گيت پي ڳايائون، جي قيدين پئي ٻُڌا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ