8 هو راستبازيءَ سان دنيا جي عدالت ڪندو، ۽ سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.
8 تون دنيا جي صحيح عدالت ڪندي، سچائيءَ سان سڀني قومن جو انصاف ٿو ڪرين.
شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟
خداوند هميشہ تائين بادشاهہ آهي: غير قومون سندس ملڪ مان نابود ٿي ويون آهن.
خداوند ٻوڏ جي وقت تخت نشين هو؛ هائو خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي.
۽ آسمان سندس راستبازي ظاهر ڪندا؛ ڇالاءِ جو خدا پاڻ منصف آهي.
ڇو تہ انصاف سچائيءَ ڏانهن موٽندو: ۽ سڀ سچيءَ دل وارا انهيءَ جي پيروي ڪندا.
خداوند جي حضور ۾، ڇو جو هو اچي ٿو؛ هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ پنهنجي سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.
خداوند جي حضور، ڇو جو هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.
بادشاهہ جي طاقت انصاف کي پسند ٿي ڪري. تون سچائيءَ کي قائم ٿو رکين، تون ئي يعقوب ۾ انصاف ۽ راستيءَ کي عمل ۾ ٿو آڻين.
خداوند هميشہ تائين بادشاهي ڪندو.
پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.
ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.
انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.