Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 9:5 - Sindhi Bible

5 تو قومن کي ڇينڀيو آهي، تو بڇڙن کي برباد ڪيو آهي، ۽ انهن جو نالو هميشہ جي لاءِ مٽائي ڇڏيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تو بت‌پرست قومن تي فتويٰ جاري ڪئي آهي، ۽ انهن بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿيئي، هائو، تو هميشہ لاءِ سندن نالو ئي مِٽائي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 9:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


تہ قومن کان وير وٺن، ۽ ماڻهن کي سزا ڏين.


قومون ڇو ٿيون ڪاوڙجن، ۽ ماڻهو اجايا خيال ڇو ٿا ڪن؟


جيڪي ڪوڙ ٿا ڳالهائين، تن کي تون برباد ڪندين؛ خداوند کي خوني ۽ دغاباز ماڻهوءَ کان نفرت آهي.


جيڪڏهن ماڻهو نہ پڇتائيندو، تہ هو پنهنجي ترار تيز ڪندو؛ هن پنهنجي ڪمان چاڙهي تيار ڪئي آهي.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


ڌاريون قومون ڇو چون تہ انهن جو خدا ڪٿي آهي؟ هيئن ڪر تہ تنهنجي ٻانهن جي رت جو بدلو ڌارين قومن ۾ اسان جي ڏسندي ظاهر ٿئي.


انصاف واري جي يادگيري برڪت واري آهي: پر شرير جو نالو سڙي ڪِنو ٿيندو.


سچن جي روشني چمڪي ٿي: پر شريرن جو ڏيئو اُجهامي ويندو.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجو تخت عيلام ۾ رکندس، ۽ اُتان بادشاهہ ۽ اميرن کي ناس ڪندس.


اي خداوند تو منهنجي روح جي طرفان حجت دليل ڪيا؛ تو منهنجي جان ڇڏائي آهي.


۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.


تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ، تہ آءٌ انهن کي برباد ڪريان، ۽ انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيان: ۽ آءٌ تو منجهان هن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ڪندس.


۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.


۽ دائود ابيجيل کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن توکي اڄ مون سان گڏجڻ لاءِ موڪليو آهي:


۽ جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ خداوند برڪت وارو هجي جنهن نابال جي هٿان منهنجي پاران منهنجي حقارت جو بدلو ورتو آهي، ۽ پنهنجي ٻانهي کي خرابي ڪرڻ کان بچايو اٿس: ۽ نابال جي شرارت موٽائي خود سندس گردن تي وڌي اٿس؛ ۽ دائود ماڻهو موڪلي ابيجيل جي نالي چوائي موڪليو تہ آءٌ هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ٿو گهران.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ