Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 9:1 - Sindhi Bible

1 آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان خداوند جا ٿورا مڃيندس؛ آءٌ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجي واکاڻ ڪندس، آءٌ تنهنجا اهي سڀيئي عجيب ڪم بيان ڪندس، جيڪي تو ڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 9:1
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو؛ سندس معجزا ۽ سندس زباني فيصلا؛


قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، سڀني قومن ۾ سندس عجيب ڪمن جو بيان ڪريو.


ڪير خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگهندو، يا هن جي پوري تعريف ڪري سگهندو؟


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، آءٌ سچارن جي مجلس ۾ ۽ جماعت جي وچ ۾ پنهنجي ساريءَ دل سان خداوند جي شڪر گذاري ڪندس.


آءٌ پوري دل سان تنهنجو شڪر ڪندس؛ آءٌ معبودن جي روبرو تنهنجي تعريف ڳائيندس.


تہ آءٌ تنهنجا ٿورا ظاهر ڪريان، ۽ تنهنجن عجيب ڪمن جو بيان ڪريان.


اي خداوند تون منهنجن چپن کي کول؛ تہ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.


آءٌ تہ خداوند جي سچائيءَ موجب سندس ٿورا مڃيندس؛ ۽ خداوند تعاليٰ جي نالي جي تعريف پيو ڳائيندس.


اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان تنهنجي تعريف ڪندس؛ ۽ هميشہ تائين تنهنجي نالي جي تمجيد ڪندو رهندس.


تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


اها اُمت جا مون پنهنجي لاءِ جوڙي، تہ اُهي منهنجي تعريف ڪن.


اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.


هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ جان سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ طاقت سان، ۽ پنهنجي سڄي عقل سان پيار ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.


تڏهن اچو تہ انهي جي وسيلي هميشہ خدا جي تعريف جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهن چپن جو ڦل، جي سندس نالي جو اقرار ٿا ڪن.


۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ