Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 85:3 - Sindhi Bible

3 تو پنهنجي غضب کي کڻي ورتو آهي: ۽ پنهنجي سخت ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تو انهن تان پنهنجي سخت غضب کي کڻي ورتو هو. تو کي مٿن جيڪا سخت ڪاوڙ هئي، سا تو انهن تان ٽاري ڇڏي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 85:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون آسمان مان، يعني پنهنجي رهڻ واري جاءِ مان، هنن جي دعا ۽ هنن جو عرض ٻڌج، ۽ انهن جو انصاف ڪج؛ ۽ تنهنجي قوم جنهن تنهنجي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، تنهن کي معافي ڏج.


تنهن ڪري هن چيو تہ آءٌ هنن کي برباد ڪندس، پر سندس چونڊيل موسيٰ اچي وچ ۾ سندس حضور ۾ بيٺو تہ هن جي ڪاوڙ کي ٽاري تہ متان هو انهن کي برباد ڪري ڇڏي.


پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين.


تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ منهنجي مالڪ جي ڪاوڙ مون تي ڀڙڪو نہ کائي، تون هنن کان واقف آهين تہ هنن جو لاڙو بڇڙائي ڏانهن آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


۽ اهو هن منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، هي تنهنجن چپن کي لڳو آهي ۽ تنهنجو قصور ڪڍيو ويو ۽ تنهنجي گناهہ جو عيوضو ڏنو ويو آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ انهي وقت اسرائيل جي ڏوهہ جي ڳولا ٿيندي، پر ڪوبہ ڪونہ ظاهر ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي گناهن جي پڇاڙي ٿيندي ۽ اُهي نہ لڀندا: ڇالاءِ جو جن کي آءٌ باقي بچائي ڇڏي ٿو ڏيان، تن کي آءٌ معافي ڏيندس.


۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون توکي معاف ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون ياد ڪرين ۽ لڄي ٿين، ۽ شرم جي ڪري وري اڳتي پنهنجو وات نہ پٽين؛ خداوند خدا ٿو فرمائي.


ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.


هو ڦرندو ۽ اسان تي رحم ڪندو. هو اسانجن گناهن کي پيرن هيٺ لتاڙيندو: ۽ تون هنن جا سڀ گناهہ سمنڊ جي تري ۾ اُڇلائي ڦٽا ڪندين.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.


اي قومون، اوهين سندس اُمت سان خوشيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجن ٻانهن جي خون جو وير وٺندو، ۽ جيڪي هن جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي بدلو ڏيندو؛ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ