Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 85:2 - Sindhi Bible

2 تو پنهنجيءَ اُمت جي خطا معاف ڪئي آهي، ۽ انهن جا سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏيا اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تو پنهنجي قوم جي خطا بخشي ڇڏي هئي. تو انهن جا سڀيئي گناهہ معاف ڪري ڇڏيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 85:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن.


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن جي خطا معاف ٿي آهي، ۽ جنهن جو گناهہ ڍڪيو ويو آهي.


پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ انهي وقت اسرائيل جي ڏوهہ جي ڳولا ٿيندي، پر ڪوبہ ڪونہ ظاهر ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي گناهن جي پڇاڙي ٿيندي ۽ اُهي نہ لڀندا: ڇالاءِ جو جن کي آءٌ باقي بچائي ڇڏي ٿو ڏيان، تن کي آءٌ معافي ڏيندس.


تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي وڏيءَ ٻاجهہ موجب، هن اُمت جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح ڪ تون مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن اُمت کي معافي ڏني آهي.


۽ جيڪو ايمان ٿو آڻي، سو هن جي ئي ڪري انهن سڀني ڳالهين کان سچو ٺهرائبو، جن کان موسيٰ جي شريعت ڪري اوهين سچا ٺهرجي نٿي سگهيا.


۽ اوهين جي پنهنجن گناهن ڪري ۽ پنهنجي جسم جي نامختونيءَ جي ڪري مُئل هئا، تن کي هن سان گڏ جيئرو ڪيائين ۽ اسان جا سڀيئي ڏوهہ بخشيائين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ