۽ صور کي چئُہ تہ تون جو سمنڊ جي لنگهہ جي جاءِ تي رهين ٿو، ۽ گهڻن ٻيٽن جي لاءِ قومن جو سوداگر آهين، تنهن کي خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي صور، تو چيو آهي تہ آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان.
جبال جا پير مرد ۽ اُتي جا ڏاها ماڻهو تو ۾ ٽُنگن بند ڪرڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارا هئا: سمنڊ جا سڀ جهاز پنهنجي خلاصين سوڌا تو وٽ هئا، تہ اُهي تنهنجي سوداگريءَ جو ڪم ڪن.
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صور جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سڄي قوم قيد ڪري ادوم جي حوالي ڪئي، ۽ برادريءَ وارو عهد اقرار ياد نہ ڪيائين.
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي عماليق اسرائيل سان ڪيو سو مون ڏٺو آهي، يعني جڏهن هو مصر مان نڪتو هو تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح رستي ۾ هن سان وڙهڻ جي لاءِ ويٺو هو.