6 يعني ادوم جي رهندڙن ۽ اسماعيلين؛ موآب ۽ هاجري.
6 انهن ۾ ادوم ملڪ جا رهندڙ ۽ بني اسماعيل شامل آهن، ان کان علاوہ موآبي ۽ هاجر قبيلي وارا پڻ.
۽ سائول جي ڏينهن ۾ هنن هاجرين سان جنگ ڪئي، جي هنن جي هٿان مارجي ويا: ۽ اُهي جلعاد جي اُڀرندي واري ساري زمين ۾ پنهنجن تنبن ۾ رهندا هئا.
انهيءَ کانپوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون، ڪن عمونين سان گڏ، يهوسفط سان جنگ ڪرڻ آيا.
اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو.
خداوند ۽ سندس مسيح جي برخلاف زمين جا بادشاهہ کڙا ٿيا آهن، ۽ حاڪم پاڻ ۾ صلاح ڪري چون ٿا تہ،
۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي.
۽ هن بني عمون، ۽ بني عماليق پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ انهن وڃي اسرائيل کي شڪست ڏني، ۽ کجين وارو شهر هٿ ڪيو.