5 ڇو جو انهن يڪمشت ٿي صلاح ڪئي آهي؛ ۽ تنهنجي برخلاف پاڻ ۾ عهد ڪيو اٿن:
5 اي خدا! انهن پاڻ ۾ يڪمشت ٿي سازش ڪئي آهي، هائو، انهن پاڻ ۾ گڏجي تنهنجي خلاف عهد ڪيو آهي.
سي ڏس تہ ڪيئن نہ انهيءَ جو اسان کي بدلو ٿا ڏين، جو جيڪا ملڪيت تو اسان کي ورثو ڪري ڏني آهي، تنهن مان اسان کي ڪڍي ٿا ڇڏين.
پر رڳو مردڪئي سان دست درازي ڪرڻ هن حقارت جهڙي ڳالهہ ٿي ڄاتي؛ ڇالاءِ جو هنن ٻڌايو هوس تہ مردڪئي جي قوم ڪهڙي آهي: تنهنڪري هامان جي مرضي هئي تہ جيڪي بہ يهودي اخسويرس جي سڄيءَ بادشاهت ۾ آهن تن سڀني کي، يعني مردڪئي جي قوم کي، ناس ڪري.
تہ جڏهن انهن جي ڪاوڙ اسان تي ڀڙڪو کاڌو، تڏهن اهي اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها:
خداوند ۽ سندس مسيح جي برخلاف زمين جا بادشاهہ کڙا ٿيا آهن، ۽ حاڪم پاڻ ۾ صلاح ڪري چون ٿا تہ،
۽ انهن پنهنجي دل ۾ چيو تہ، اچو تہ هنن سڀني کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيون: انهن ملڪ ۾ خدا جي سڀني عبادتخانن کي ساڙي ڇڏيو آهي.
ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.
۽ دائود جي گهراڻي کي ماڻهن ٻڌايو تہ ارام ۽ افرائيم پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. تنهن تي هن جي ۽ هن جي ماڻهن جي دل ائين چُرڻ لڳي جيئن ٻيلي جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري چرندا آهن.
جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ فلستين دشمنيءَ جي هلت ڪئي آهي، ۽ مدامي دشمني سان اُن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ، بلڪ دل جي نفرت سان وير ورتو اٿن.
هاڻي گهڻيئي قومون اچي تنهنجي برخلاف گڏ ٿيون آهن، ۽ چون ٿيون تہ ڀلي اها ڳالهہ پوري ٿئي، تہ اسان جون اکيون صيون کي ڏسي خوش ٿين.
ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟
سندن راءِ هڪڙي ئي آهي، ۽ اُهي پنهنجي قدرت ۽ اختياري انهي جانور کي ڏيئي ڇڏيندا.
پوءِ مون انهي حيوان ۽ زمين جي بادشاهن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو تہ هو انهي گهوڙي سوار، ۽ سندس فوج سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.