Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 83:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو ڏس، تنهنجا دشمن هل ٿا مچائين: ۽ جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن تن ڪنڌ مٿي کنيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڏس، تنهنجا دشمن هُل هنگامو پيا مچائين. هائو، جيڪي تو سان عداوت رکن ٿا تن سرڪشي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 83:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي مون تي بڪ، ۽ تنهنجي مغروري منهنجي ڪنن تائين پهتي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ هڻندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجن چپن ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي کان آيو آهين، انهيءَ رستي کان توکي موٽائي موڪليندس.


اي منهنجي تعريف جا خدا، تون ماٺ نہ ڪر.


پنهنجي دشمنن جو آواز نہ وسار: جيڪي تنهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن تن جو گوڙ هر وقت جاري آهي.


تنهنجن دشمنن تنهنجي جماعت جي وچ ۾ اچي هل مچايو؛ ۽ نشانن لاءِ پنهنجا جهنڊا کڙا ڪيا اٿن.


تہ جيڪي خداوند سان دشمني ٿا رکن، سي اچي سندس پيش پون: ۽ انهن جو زمانو هميشہ تائين هلي.


اي خداوند پاڻين گوڙ شور ڪيو آهي، پاڻين پنهنجو آواز وڌايو آهي؛ پاڻي گجگوڙ ٿا ڪن.


هاءِ، گهڻين قومن جو گوڙ، جي سمنڊ جي گجڻ وانگي گجن ٿيون؛ ۽ گهڻين قومن جو جوش، جو زور واري پاڻيءَ جي وهڪري جهڙو آهي!


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.


۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ منهنجي نٿا مڃين، اُٽلندو گوڙ ٿو مچي، تڏهن پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڌوتائين، ۽ چيائين تہ آئون هن راستباز ماڻهوءَ جي خون کان بي ڏوهو آهيان: اوهين پاڻ ڄاڻو.


سو خلق بہ گڏجي مٿن ڪاهي آئي؛ ۽ عملدارن سندن ڪپڙا ڦاڙي لاهي حڪم ڏنو، تہ ڦٽڪا هڻون.


پر يهودين حسد جي ڪري ڪي بازاري بدمعاش پاڻ سان وٺي گڏ ڪري شهر ۾ آڻي گڙٻڙ مچائي؛ ۽ ياسون جي گهر تي ڪاهي آيا، تہ انهن کي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


تڏهن ساري شهر ۾ گوڙ مچي ويو، ۽ ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيا، ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي آيا: ۽ هڪدم در بند ٿي ويا.


ايستائين هو سندس ٻُڌندا رهيا، پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ههڙي ماڻهوءَ کي زمين تان چٽ ڪري ڇڏيو، جو سندس جيئرو رهڻ ئي واجب نہ آهي.


جڏهن ڏاڍو تڪرار ٿي پيو، تڏهن پلٽڻ جي سردار کي اهو ڊپ ٿيو تہ متان پولس کي ڏاري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ وڃي گوڙ مان هن کي زوريءَ قلعي ۾ وٺي اچو.


انهيءَ طرح مديانين بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ هنن وري پنهنجا منهن مٿي نہ ڪيا، ۽ انهيءَ ملڪ کي جدعون جي ڏينهن ۾ چاليهہ ورهيہ آرام مليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ