17 ڀلي تہ اهي هميشہ لاءِ شرمندا ۽ پريشان ٿين: ۽ بدنام ٿي تباهہ ٿي وڃن:
17 شل اهي هميشہ ذلت ۽ پريشانيءَ ۾ هجن، بلڪ انهيءَ ذلت جي حالت ۾ ئي تباهہ وَ برباد ٿي وڃن،
شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين.
جيڪي منهنجي نقصان ڪري خوش ٿا ٿين سي سڀ گڏجي شرمائجن ۽ منجهي پون: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شرم ۽ خواريءَ ۾ ٻڏن.
جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ ٿا گهرن سي شرمندا ۽ خوار ٿين: ۽ جيڪي منهنجا مٺ گهرا آهن سي پٺ تي هٽجي ڦڪا ٿين.