16 اي خداوند انهن کي شرمندو ڪر؛ تہ اُهي تنهنجي نالي جا طالب ٿين.
16 اي خداوند! تون انهن کي اهڙو خوار خراب ڪر، جو اهي تنهنجي نالي جي عظمت جا قائل بڻجي وڃن.
جي آءٌ شرير هوندس تہ منهنجي حال تي افسوس آهي؛ ۽ جي آءٌ سچو هوندس تہ بہ آءٌ پنهنجو منهن مٿي نہ کڻندس؛ جو شرمندگيءَ سان ڀريل آهيان، ۽ پنهنجي مصيبت تي نظر اٿم.
هن کي خوف پاڻيءَ وانگر وڪوڙي وڃن ٿا، ۽ طوفان هن کي رات جو لڪائي کڻي وڃي ٿو.
شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين.
آءٌ هن جي دشمنن کي شرم جي پوشاڪ ڍڪائيندس: پر هن تي سندس تاج رونق افروز ٿيندو.
هنن انهي ڏانهن نهاريو ۽ روشنائي حاصل ڪيائون: ۽ سندن منهن ڪڏهن ڦڪا ڪين ٿيندا.
منهنجا سڀ دشمن ڦڪا ۽ پشيمان ٿيندا؛ اهي موٽي ويندا ۽ اوچتو شرمندا ٿيندا.