قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.
ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.
ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي.