Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 83:13 - Sindhi Bible

13 اي منهنجا خدا انهن کي واچوڙي جي مٽيءَ جهڙو ڪر؛ جيئن واءُ بهہ کي اُڏائي ٿو ڇڏي تيئن انهن کي اُڏاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اي منهنجا خدا! تون انهن دشمنن کي واچوڙي جي مٽيءَ وانگر ڪري ڇڏ. جيئن واءُ بُهہ کي اڏائي ٿو ڇڏي تيئن تون کين اڏائي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 83:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اُڏايل پن کي ستائيندين ڇا؟ ۽ تون سڪل ٻٿ جي پٺيان پوندين ڇا؟


۽ اهي واءُ جي سامهون سڪل ٻٿ وانگر آهن، ۽ انهيءَ بهہ وانگر، جنهن کي طوفان اُڏائي ڇڏي ٿو.


اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مونکي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ کان ۽ منهنجون دانهون ٻڌڻ کان ڇو پاسي ٿيو آهين؟


اُهي اهڙا ٿين جيئن واءُ جي اڳيان باهہ، ۽ خداوند جو فرشتو اُنهن کي ڌڪيندو رهي.


اي خدا، تون منهنجو بادشاهہ آهين: يعقوب جي ڇوٽڪاري لاءِ حڪم جاري ڪر.


جيڪي تنهنجي برخلاف اُٿن ٿا، تن کي تون پنهنجيءَ عظمت جي بزرگيءَ سان ڪيرائي ٿو ڇڏين؛ تون پنهنجو غضب موڪلين ٿو، ۽ اهو انهن کي بوسي جي ٻورن وانگي ساڙي چٽ ڪري ٿو ڇڏي.


هائو، اهي ٿڏن وانگي نہ لڳايا ويا آهن؛ هائو، اهي نہ پوکيا ويا آهن؛ هائو، هنن جي ٿُڙ زمين ۾ پاڙ نہ هنئي آهي: تنهن کان سواءِ هو انهن تي ڦوڪي ٿو ۽ اهي ڪومائجي وڃن ٿا، ۽ واچوڙو انهن کي بهہ وانگي کڻي ٿو وڃي.


ڪنهن اُڀرندي کان هڪڙي کي کڙو ڪيو آهي، جنهن کي هن راستبازيءَ سان پنهنجن قدمن ۾ سڏيو آهي؟ هو قومن کي هن جي حوالي ٿو ڪري، ۽ هن کي بادشاهن جي مٿان حاڪم ٿو ڪري: هو انهن کي مٽيءَ وانگي هن جي ترار جي، ۽ بهہ وانگي هن جي ڪمان جي حوالي ٿو ڪري.


تنهن ڪري آءٌ انهي کي ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن بيابان جي واءُ ۾ بهہ اُڏامي ويندو آهي.


تو چيو آهي تہ هي ٻہ قومون، ۽ هي ٻہ ملڪ منهنجا ٿيندا، ۽ اسين انهن جا مالڪ ٿينداسين، پر خداوند اُتي هو:


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ دشمن اوهان جي نسبت ۾ هيئن چيو آهي، تہ واهہ، قديم مٿانهان مڪان اسان جي ملڪيت آهن:


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ