تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.
۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.
۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.