4 مسڪينن ۽ محتاجن کي ڇڏايو، بلڪ بڇڙن جي هٿان آزاد ڪرايو.
4 اوهين مسڪينن ۽ محتاجن کي بچائي وٺو، ۽ بدڪارن جي هٿن مان کين آزاد ڪرايو.
ڇالاءِ جو جيڪي غريب دانهون ڪندا هئا، تن کي آءٌ ڇڏائيندو هوس، ۽ يتيم بہ، جن کي ڪو بہ واهر ڪرڻ وارو ڪو نہ هو.
مون کي خبر آهي تہ خداوند ڏکين جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن کي حق ڏياريندو.
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.