Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 82:2 - Sindhi Bible

2 اوهين ڪيستائين بي انصافي ڪندا، ۽ بڇڙن جي پاسخاطري ڪندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خدا کين چوي ٿو تہ ”اوهين ڪيستائين بي‌انصافي ڪندا رهندءُ؟ ڪيستائين بڇڙن جي طرفداري پيا ڪندا رهندءُ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 82:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.


تنهنڪري هاڻي گهرجي تہ خداوند جو خوف اوهان تي هجي؛ جيڪي ڪريو سو خبرداري سان ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا وٽ بي انصافي ڪانهي، نہ ماڻهن سان پاسداري، ۽ نہ رشوت خوري.


آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ مون کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاس خاطري ڪرڻ نہ ڏيو؛ نڪو آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي خوشامد جهڙو لقب ڏيندس.


تڏهن ڪيترو نہ گهٽ انهيءَ کي ائين چوڻ مناسب آهي، جو نہ شهزادن جي پاسداري ٿو ڪري، ۽ نہ دنيادارن کي غريبن کان زيادہ مان ٿو ڏئي؟ ڇالاءِ جو اُهي سڀ سندس هٿن جا جڙيل آهن.


اوهين سڀيئي ڪيستائين اهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ مٿس ڪاهہ ڪندا، جو جهڪيل ڀت ۽ ڪريل واڙ وانگي آهي؟


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


شرير جي پاسداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچي کي هڪالي ڪڍڻ.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا بادشاهہ اوهان جي لاءِ بس آهي، ظلم ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏيو، ۽ عدل ۽ انصاف ڪريو؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي قوم تان پنهنجون تنگ طلبيون لاهي ڇڏيو.


اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چيو تہ اي بي اعتقاد ۽ نرڄي قوم، آئون ڪيستائين اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.


پر جيڪي ماڻهو معزز ليکبا هئا (پوءِ اُهي ڪهڙا بہ هئا، تن سان منهنجو واسطو ڪونهي: خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي طرفداري نٿو ڪري.) انهن معززن مان مون کي ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي؛


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو؛ ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو؛ اوهين ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڊڄجو نہ؛ ڇالاءِ جو عدالت خدا جي آهي: ۽ جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي سو مون وٽ آڻجو، تہ آءٌ اهو ٻڌان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ