9 تہ تو وٽ ڪو ٻيو معبود نہ هجي؛ نڪي تون ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪج.
9 ٻُڌو، اوهان جي وچ ۾ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي، نڪي وري اوهين ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪريو.
۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو.
جيڪڏهن اسان پنهنجي خدا جو نالو وساريو آهي، يا ڪنهن ٻئي معبود ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگهيريا اٿئون؛
اي منهنجي اُمت ٻڌ، آءٌ فرمائيندس؛ اي اسرائيل آءٌ توتي شاهدي ڏيندس؛ آءٌ خدا آهيان، يعني تنهنجو خدا آهيان.
۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.
اوهين ڪن ڏيو ۽ منهنجو آواز ٻڌو؛ ڌيان ڏيئي منهنجو چوڻ ٻڌو.
جڏهن اوهان ۾ ٻيو ڪوبہ ڌاريو معبود ڪونہ هو تڏهن مون بيان ڪيو، مون بچايو ۽ مون ڏيکاريو: تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ آءٌ خدا آهيان.
اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.
يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس.
خداوند ئي انهي جي رهبري ڪئي، ۽ هن سان ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هو.
اوهين ٻين معبودن جي، يعني جيڪي قومون اوهان جي آس پاس ٿيون رهن، تن جي معبودن جي پيروي نہ ڪجو؛