Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 81:7 - Sindhi Bible

7 تو مصيبت جي وقت پڪاريو، ۽ مون توکي ڇڏايو؛ گجگار جي ڳجهي پردي مان توکي جواب ڏنم: ۽ مريباهہ جي چشمي تي توکي آزمايم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهان مون کي مصيبت ۾ پڪاريو، ۽ مون خدا اوهان کي ڇڏائي ورتو. مون گجگوڙ واري لڪل پردي مان اوهان کي جواب ڏنو، پوءِ مون مريباہ جي چشمن وٽ اوهان کي آزمايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 81:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


جڏهن فرعون ويجهو آيو، تڏهن بني اسرائيل وارن اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏٺائون تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا اچن، ۽ هو ڏاڍا ڊنا: ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پڪاريو.


۽ صبح جو سوير هيئن ٿيو، جو خداوند باهہ جي ۽ ڪڪر جي ٿنڀ منجهان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو، ۽ مصرين جي لشڪر کي پريشان ڪيائين.


جڏهن تريءَ جو آواز درجي بدرجي وڌندو ويو، تڏهن موسيٰ ڳالهايو، ۽ خداوند کيس هڪڙي آواز سان جواب ڏنو.


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري اڳتي چوڻ ۾ نہ ايندو تہ انهي جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو؛


اهوئي مريبا جو چشمو آهي؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل خداوند سان جهيڙو ڪيو، ۽ هو منجهن پاڪ ثابت ٿيو.


هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.


لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ