Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 81:2 - Sindhi Bible

2 زبور ڳايو ۽ دف آڻيو، خوش آواز بربط ۽ ساز وڄايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين گيت ڳائڻ شروع ڪريو، ۽ خوشيءَ مان دڦ وڄايو، ۽ مٺڙي آواز وارا دنبورا ۽ سارنگيون وڄايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 81:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن قرنائن وڄائڻ وارا، ۽ ڳائڻ وارا، سڀ گڏجي هڪ ٿي خداوند جي شڪرگذاري ۽ تعريف ڪرڻ ۾ هڪڙو يڪو آواز ڪڍڻ لڳا؛ ۽ جڏهن هنن پنهنجو آواز قرنائن، ۽ جهانجهن، ۽ وڄائڻ جي سازن سان مٿي کنيو، ۽ خداوند جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اهو چڱو آهي: ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءَ واري آهي: تڏهن اهو گهر، يعني خداوند جو گهر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.


۽ معسياہ، ۽ سمعياہ، ۽ اليعزر، ۽ عزي، ۽ يهوحنان، ۽ ملڪياہ، ۽ عيلام، ۽ عزر، پنهنجي سردار ازرخياہ سميت زور سان ڳايو.


اي منهنجي طاقت آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس: ڇو تہ خدا، منهنجو رحيم خدا، منهنجو اوچو ٺلهہ آهي.


ڏهن تارن واري ساز سان، بربط سان، ۽ ستار جي مٺي آواز سان ڪهڙو نہ چڱو آهي.


۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون.


۽ جڏهن زبور ڳائي چڪا، تڏهن هو زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.


۽ اوهين پاڻ ۾ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو ۽ پنهنجي دل سان خداوند جي لاءِ ڳايو ۽ وڄايو.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪوبہ ڏکي هجي تہ اُهو دعا گهُري، ۽ جيڪڏهن ڪو خوش هجي تہ اُهو تعريف جا گيت ڳائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ