Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 8:4 - Sindhi Bible

4 تہ پوءِ انسان ڇا آهي. جو تون هن جي يادگيري ڪرين؟ ۽ آدمزاد ڪير آهي، جو تون سندس سار لهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن آءٌ سوچيان ٿو تہ انسان ڇا آهي جو تون ان جي يادگيري ڪرين؟ يا آدمزاد ڇا آهي جنهن جي تون سار سنڀار لهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 8:4
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.


۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:


سو انهن انهيءَ رات بہ پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ ننڍي اُٿي وڃي ساڻس گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي.


هاڻي جيئن خداوند چيو هو، تيئن سارہ تي نظر ڪيائين ۽ پنهنجي چوڻ موجب سارہ سان ڪيائين.


پر خدا سچ پچ زمين تي ماڻهن سان گڏ رهندو ڇا؟ ڏس، تون آسمان ۽ آسمانن جي آسمان ۾ سمائجي نٿو سگهين: تڏهن هي گهر جيڪو مون جوڙيو آهي، تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگهندين!


تڏهن انسان، جو ڪينئون آهي، ۽ آدمزاد، جو فقط ڪينئون آهي سو ڪيترو نہ گهٽ!


ماڻهو ڇا آهي جو تون انهيءَ کي پڏائين ٿو، ۽ انهيءَ سان پنهنجي دل ٿو لائين.


اي خداوند تنهنجي مهرباني جيڪا تنهنجيءَ اُمت تي آهي تنهن جي ڪري مون کي بہ ياد ڪر؛ پنهنجي نجات مون کي عطا ڪر.


انهي جو جنهن دانائيءَ سان آسمان جوڙيا: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


رات تي حڪومت هلائڻ لاءِ چنڊ ۽ تارا جوڙيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


اي خداوند انسان ڇا آهي جو تون انهي جي سار ٿو لهين؟ يا آدم زاد ڪير آهي جو تون انهي جو ليکو ٿو ڪرين؟


اوهين پنهنجو ڀروسو سردارن تي نہ رکو، نڪي بني آدم تي، جي بچائي نٿا سگهن.


ڏينهن ڏينهن سان ڳالهيون ٿو ڪري، ۽ رات رات کي حڪمت ٿي سيکاري.


اي آدمزادا، اوهين ڪيستائين منهنجي جلال جي بيعزتي ڪندا؟ ڪيستائين بيهودگيءَ کي چاهيندا، ۽ ڪوڙ کي ڳوليندا؟


جو ماڻهو تنهنجي ساڄي هٿ آهي، يعني ابن آدم جنهن کي تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪيو آهي، تنهن تي هٿ رک.


ڇالاءِ جو قومن جا سڀ معبود بت آهن: پر خداوند آسمانن کي بنايو.


تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.


سڀ قومون هن جي اڳيان ڪين جهڙيون آهن؛ اهي هن جي نظر ۾ ڪين کان بہ گهٽ، بلڪ بي بقا آهن.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تون اڃا هنن کان بہ وڏا ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين.


يسوع هن کي چيو تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ آسمان جي پکين کي آکيرا، پر ابنِ آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.


”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي.


۽ اُهي توکي، ۽ تو ۾ جيڪي تنهنجا ٻار آهن تن کي، وٺي پَٽ سان هڻندا، ۽ تو ۾ پهڻ پهڻ تي بہ نہ ڇڏيندا، ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تو تي نظر ٿي، تنهن ڏينهن کي تو نہ سڃاتو.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ