Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 8:2 - Sindhi Bible

2 تو پنهنجي دشمنن جي ڪري، ٻارڙن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجو زور قائم ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ تون دشمن ۽ وير وٺڻ واري کي ماٺ ڪرائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تو ئي ننڍڙن ٻارن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجي دشمنن آڏو پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي، تان‌تہ تون پنهنجي دشمنن ۽ مخالفن کي ماٺ ڪرائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 8:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن؛ ڇالاءِ جو فقط هن جو ئي نالو سرفراز آهي: هن جو جلال آسمان ۽ زمين کان بہ مٿي عظيم آهي.


ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.


هي حال طعنن هڻڻ ۽ لعنت ڪرڻ واري جي ڪري، ۽ دشمن ۽ وير وٺڻ واري جي سبب ٿيو آهي.


ماٺ ڪريو ۽ ڄاڻو تہ آءٌ خدا آهيان؛ آءٌ قومن ۾ اقبال مند ٿيندس، آءٌ ساري زمين تي سربلند ٿيندس.


انهن منهنجي پيرن لاءِ ڄار وڌو آهي؛ منهنجي جان جهڪي ويئي آهي: انهن منهنجي اڳيان کڏ کوٽي آهي؛ جنهن ۾ پاڻ ڪِريا آهن.


پر بني اسرائيل مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ يا جانور تي ڪتو بہ ڪين ڀونڪندو: انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ خداوند مصرين ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ ڪهڙو فرق ٿو ڪري.


خوف ۽ ڊپ انهن تي پيو آهي؛ تنهنجي هٿ جي بزرگيءَ ڪري هو پهڻ وانگي سڪوت ۾ آهن، جيسين ڪ اي خداوند تنهنجي اُمت لنگهي وڃي، جنهن کي تو خريد ڪيو آهي.


پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.


۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي.


جو ڏاڍن تي اوچتو موت آڻي ٿو ۽ انهي ڪري قلعي تي تباهي اچي ٿي.


پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.


انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


۽ چوڻ لڳس، تہ هي جيڪي چون ٿا سو ڪي ٻڌين ٿو؟ ۽ يسوع چين تہ هائو، اوهان ڪڏهن ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ”معصومن ۽ کير پياڪن جي واتان تنهنجي ڪامل تعريف ٿي ٿئي.“


انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛


هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ