Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 8:1 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، اسان جا رب، تنهنجو نالو ساري زمين تي ڪهڙو نہ سربلند آهي! جنهن پنهنجو جلال آسمان ۾ قائم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند، اسان جا رب! سڄي دنيا تي تنهنجو نالو ڪيڏو نہ سربلند آهي! تو پنهنجي عظمت کي آسمانن کان بہ مٿي قائم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 8:1
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين!


اي منهنجا خدا، اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس؛ ۽ آءٌ سدائين تنهنجي نالي کي مبارڪ چوندس.


ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن؛ ڇالاءِ جو فقط هن جو ئي نالو سرفراز آهي: هن جو جلال آسمان ۽ زمين کان بہ مٿي عظيم آهي.


اي خداوند تنهنجي ٻاجهہ آسمانن ۾ آهي: ۽ تنهنجي سچائي جهان ۾ پکڙيل آهي.


اي خدا تون آسمان تي سرفراز ٿيءُ؛ ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي.


اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، هن جي نالي جي تعريف ڳايو: جو رڻ پٽ مان سواري ڪري ٿو لنگهي تنهن لاءِ سڙڪ تيار ڪريو؛ هن جو نالو يهوواہ آهي؛ اوهين خدا جي حضور ۾ سرها ٿيو.


اي خداوند، اسانجا رب، تنهنجو نالو ساري زمين تي ڪهڙو نہ سربلند آهي!


خدا جو اسان جي طاقت آهي تنهن جي حضور ۾ بلند آواز سان ڳايو: ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو.


اي لشڪرن جا خداوند، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ دل پسند آهن!


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


هن جو وات تمام مٺو آهي؛ هائو هو بلڪل وڻندڙ آهي: اي يروشلم جون ڌيئون، اهو آهي منهنجو محبوب، ۽ اهو آهي منهنجو دوست.


اي خداوند اسان جا خدا، توکان سواءِ ٻين معبودن اسان جي مٿان حڪم پئي هلايو آهي؛ پر تنهنجي ئي مدد سان اسين رڳو تنهنجو نالو وٺنداسين.


خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.


جيڪڏهن دائود هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟


توما جواب ڏيئي چيس، تہ اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا!


جيڪو هيٺ لٿو، سو اُهو ساڳيو ئي آهي، جو تمام مٿي آسمان جي بہ مٿان چڙهي ويو، انهي لاءِ تہ هو سڀني شين کي ڀرپور ڪري.)


جيڪڏهن تون هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداري سان عمل نہ ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي جلالي ۽ خوفناڪ نالي کان ڊڄندو نہ رهندين؛


هائو، بيشڪ، آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي وڏيءَ خوبيءَ جي ڪري سڀني شين کي نقصان ٿو سمجهان؛ جنهن جي خاطر مون نقصان سَٺو ۽ انهن شين کي گند ٿو ڄاڻان؛ انهي لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


۽ مون هڪڙيءَ وڏيءَ جماعت جهڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو آواز هو، ۽ وڏين گجگوڙين جهڙو آواز هو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ؛ ڇالاءِ جو اسان جو خدا قادر مطلق، بادشاهي ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ