Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 76:7 - Sindhi Bible

7 رڳو تو کان ئي ڊڄڻ گهرجي: جڏهن تون ڪاوڙبين تڏهن ڪير تنهنجي اڳيان بيهي سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 بيشڪ اي خداوند! تون هيبتناڪ آهين. تنهنجي غضبناڪ ڪاوڙ مهل ڪير تو آڏو بيهي سگھندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 76:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند وڏو آهي ۽ تعريف جي لائق آهي: سڀني معبودن کان زيادہ کانئس ڊڄڻ گهرجي.


اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


اي خداوند جيڪڏهن تون خطائن جو حساب ڪندين، تہ اي خداوند ڪير بيهي سگهندو؟


پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.


هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.


تنهنجي غصي جي جوش جي ڪنهن کي خبر آهي، ۽ ڪنهن کي تنهنجيءَ ڪاوڙ جو پورو ڊپ آهي؟


تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


هن فرعون جون گاڏيون ۽ سندس لشڪر سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ سندس چونڊيل سردار ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻڏي ويا آهن.


هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.


۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.


اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس تمجيد ڪريو؛ ڇالاءِ جو عدالت جو وقت اچي پهتو آهي! ۽ جنهن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا، انهي جي بندگي ڪريو.


اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ