3 اتي هن ڪمان جا تير، ۽ ڍال، ۽ ترار، ۽ جنگ جو سامان ڀڃي ڇڏيو.
3 هن انهيءَ جبل تي حملو ڪندڙن جا تکا تير ڀڃي ڇڏيا، هائو، سندن ڍالون، تلوارون ۽ جنگ جا سڀ هٿيار ٽوڙي ڇڏيائين.
۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو.
۽ جڏهن يهوسفط ۽ سندس ماڻهو انهن جو لٽ جو مال کڻڻ آيا، تڏهن انهن ۾ بي انداز دولت ۽ ڪپڙا ۽ قيمتي جواهر ڏٺائون، جي هنن پنهنجي لاءِ لاهي هٿ ڪيا، ۽ اهي هنن جي کڻڻ کان وڌيڪ هئا: ۽ لٽ جو مال ايترو تہ گهڻو هو جو ٽي ڏينهن هنن پئي کنيو.
۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.
هو زمين جي ڇيڙي تائين جنگيون بند ٿو ڪرائي: هو ڪمان کي ڀڃي ٿو ۽ ڀالي کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري: هو جنگي گاڏين کي باهہ ۾ ساڙيو ڇڏي.
ڇالاءِ جو خون جي جانچ ڪرڻ وارو انهن کي ياد ٿو ڪري؛ هو غريبن جي دانهن کي وساري نہ ٿو.