2 سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي.
2 هن جو گھر يروشلم شهر ۾ قائم آهي، هائو، صيئون جبل تي سندس رهڻ جو هنڌ آهي.
۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو.
پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.
ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن هو مون کي پنهنجي تنبوءَ ۾ پناهہ ڏيندو: ۽ مون کي پنهنجي خيمي جي پڙدي ۾ لڪائيندو؛ هو مون کي ٽڪر تي چاڙهي بيهاريندو.
اُتر پاسي صيون جبل، جو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي، سو بلند، خوشنما ۽ ساريءَ زمين جي خوشي جو سبب آهي.
خداوند جي تعريف ڳايو، جو صيون ۾ ٿو رهي؛ ۽ ماڻهن ۾ سندس ڪمن جو بيان ڪريو.
اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.
۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.