Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 74:16 - Sindhi Bible

16 ڏينهن تنهنجو آهي، ۽ رات بہ تنهنجي آهي: تو سج ۽ سوجهري کي تيار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 بيشڪ ڏينهن تنهنجو آهي ۽ رات بہ تنهنجي ئي آهي، ۽ تو ئي سج ۽ چنڊ کي جوڙي قائم رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 74:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن چنڊ کي مندن جي لاءِ مقرر ڪيو: ۽ سج کي پنهنجي لهڻ جي مهل معلوم آهي.


تون اونداهي ٿو ڪرين تہ رات ٿي ٿئي؛ جنهن ۾ جهنگ جا سڀيئي جانور ٻاهر نڪري ٿا اچن.


جڏهن آءٌ آسمانن تي، جي تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن، ۽ چنڊ ۽ تارا، جي تو مقرر ڪيا آهن، تن تي غور ٿو ڪريان؛


آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن ڏينهن ۽ رات وارو منهنجو عهد اقرار نہ بيهندو، جيڪڏهن مون آسمان ۽ زمين جا قانون مقرر نہ ڪيا آهن؛


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ