3 ڇو تہ جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن مغرورن تي مون کي ريس آئي.
3 جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي.
چورن جا تنبو آسائش ۾ آهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن؛ انهن جي هٿن ۾ خدا گهڻو ئي موجود ڪري ڏئي ٿو.
سچار ماڻهو انهيءَ ڳالهہ تي حيران ٿيندا، ۽ بي ڏوهي پنهنجو پاڻ کي بيدينن جي برخلاف کڙو ڪندا.
شرير ماڻهو ڇو ٿا جيئن ۽ ٻڍا ٿين، هائو، ۽ طاقت ۾ وڌيڪ زور وارا ٿيندا وڃن؟
خدا انهن کي ايترو ڏئي ٿو جو هو صحيح سلامت رهن ٿا، ۽ انهن تي ڀروسو رکن ٿا؛ ۽ هن جون اکيون هنن جي راهن تي آهن.
هو پنهنجن واٽن ۾ هر وقت قائم ٿو رهي؛ تنهنجو انصاف هن جي نظر کان ٻاهر ۽ گهڻو مٿي آهي، هو پنهنجن سڀني دشمنن تي ڦوڪي ٿو.
بدڪارن جي ڪري تون پاڻ کي خفي نہ ڪر، نڪي بڇڙائي ڪندڙ سان ريس ڪر.
خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.
پنهنجي دل کي گنهگارن تي ريس ڪرڻ نہ ڏي: پر تون سڄو ڏينهن خداوند جي خوف ۾ رهہ:
خراب ماڻهن تي ريس نہ ڪر؛ نڪي هنن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪر:
ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ تي ريس نہ ڪر، ۽ هن جو ڪوبہ رستو پسند نہ ڪر.
هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو.
اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟
۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا.
يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“