Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 72:5 - Sindhi Bible

5 جيسين سج ۽ چنڊ قائم رهندا، تيسين سڀني پيڙهين جا ماڻهو توکان ڊڄندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيستائين سج ۽ چنڊ قائم رهي، تيستائين شل پيڙهي بہ پيڙهي سندس بادشاهت قائم رهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 72:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.


هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.


هن جي ڏينهن ۾ راستباز ماڻهو زور وٺندا؛ ۽ جيسين چنڊ قائم آهي تيسين پوري سلامتي هوندي.


آءٌ هن جي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ جيستائين آسمان آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.


۽ انهي کي حڪومت ۽ عزت ۽ بادشاهت ڏني ويئي، تہ سڀيئي ماڻهو، قومون ۽ علحدين ٻولين وارا انهي جي خدمت چاڪري ڪن: انهي جي حڪومت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ حڪومت آهي، جا فنا ٿيڻ جي ناهي، ۽ انهي جي بادشاهي اهڙي آهي جا ناس نہ ٿيندي.


۽ بادشاهت، ۽ حڪومت، ۽ آسمان جي هيٺان سڀني بادشاهتن جي شان ۽ شوڪت خدا تعاليٰ جي اوليائن کي ڏني ويندي: هن جي بادشاهت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ بادشاهت آهي، ۽ ٻيون سڀ حڪومتون انهي جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.


تنهن جو جلال ڪليسيا ۾ ۽ مسيح يسوع ۾، پشت بپشت ۽ هميشہ تائين رهي. آمين.


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو؛ ۽ خداوند انهي ڏينهن گجگوڙ ۽ مينهن موڪليو: ۽ سڀ ماڻهو خداوند کان ۽ سموئيل کان تمام گهڻو ڊنا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ