Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 72:4 - Sindhi Bible

4 هو اُمت جي غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن جي ٻارن کي بچائيندو، ۽ ظالم کي وڍي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 شل بادشاهہ قوم جي غريبن جو انصاف ڪندو رهي! شل هو محتاجن کي بچائيندو ۽ ظالمن کي چيڀاٽيندو رهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 72:4
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪيستائين اوهين منهنجي روح کي هلاڪ ڪندا ۽ ڳالهين سان مون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندا؟


هو زور ڀرين ماڻهن کي اهڙن رستن سان ڀڃيو پرزا پرزا ڪريو ڇڏي، جن جي معلوم ڪرڻ جو امڪان ڪونهي، ۽ ٻين کي انهن جي جاءِ تي مقرر ڪري ٿو.


ڇو جو هو مسڪين جي ساڄي هٿ وٽ بيهندو، تہ جيڪي سندس جان تي فتويٰ ٿا ڏين تن کان کيس بچائي.


تون انهن کي لوهہ جي لٺ سان ڀڃندين؛ ۽ کين ڪنڀر جي ٿانوَ وانگر ٽڪر ٽڪر ڪندين.


اي خداوند اهي تنهنجيءَ اُمت کي پيڙين ٿا، ۽ تنهنجيءَ ميراث کي ڏکوئين ٿا.


ڏاهو بادشاهہ شريرن کي اُڏايو ڇڏي ۽ انهن جي مٿان ڳاهڻ جو ڦيٿو گهمائي ٿو.


پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکيل سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو: هو سچائيءَ سان عدالت جاري ڪندو.


ڇالاءِ جو تو مديان جي ڏينهن ۾، هن جي بار جي پاڃاري، ۽ هن جي ڪلهن جي لٺ، ۽ هن تي ظلم ڪندڙ جو لڪڻ ڀڃي ڇڏيو آهي.


۽ اُهو اُنهيءَ ڏينهن ڀڄي پيو: تڏهن ڌڻ جي مسڪينن، جي منهنجي ٻڌندا هئا، تن سمجهيو تہ هي خداوند جو ڪلام آهي.


انهيءَ ڪري مون انهن رڍن کي، جي ڪوس لاءِ تيار هيون، يعني ڌڻ جي مسڪينن کي، چارو ڏنو، ۽ مون پنهنجي لاءِ ٻہ لٺيون هٿ ڪيون؛ هڪڙيءَ جو نالو مهرباني ۽ ٻيءَ جو نالو ميلاپ رکيو؛ ۽ ڌڻ کي چارو ڏنم.


تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


۽ انهي ۾ نبين ۽ پاڪ ٿيلن جو، ۽ زمين تي جيڪي قتل ٿي ويا آهن تن سڀني جو رت لڌو ويو هو.


ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ