Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 72:16 - Sindhi Bible

16 ملڪ ۾ جبلن جي چوٽيءَ تائين ججهو اَنُ ٿيندو؛ جنهن جا سنگ لبنان جي وڻن وانگي پيا لڏندا: ۽ شهر جا ماڻهو زمين جي گاهہ وانگيان وڌندا ويجهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 شال ملڪ ۾ جھجھو اناج ٿئي، جيڪو جبلن جي چوٽيءَ تائين پيو جھولي! شال انهيءَ جا فصل اهڙا گھاٽا ٿين، جهڙا لبناني جابلو علائقي جا ٻيلا آهن! شال انهيءَ جي شهرن جي آبادي ائين وڌي، جيئن ڌرتيءَ جو گاهہ وڌي ٿو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 72:16
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.


تون اهو بہ ڄاڻيندين تہ تنهنجو اولاد وڏو ٿيندو، ۽ تنهنجو اولاد زمين جي گاهہ جيترو ٿيندو.


۽ جيڪڏهن تنهنجي شروعات ننڍي هجي تہ بہ تنهنجي پڇاڙي نيٺ وڌي وڏي ٿيندي.


خداوند جي وڻن کي پورو پاڻي ٿو ملي؛ يعني لبنان جا ديودار جي هن پوکيا آهن؛


جيئن ڪپيل گاهہ تي برسات پوندي آهي، ۽ مينهن جي وسڪار زمين کي ڀڄائيندي آهي، تيئن هو نازل ٿيندو.


ڇا باقي ٿوري دير نہ آهي جو لبنان هڪڙي آباد ٻني ٿي پوندو، ۽ آباد ٻني هڪڙو ٻيلو ليکجڻ ۾ ايندي.


۽ جيڪو ٻج تون زمين ۾ پوکيندين، تنهن لاءِ هو مينهن وسائيندو، ۽ زمين جي ڀلي فصل مان ماني ڏيندو، ۽ اها چڱي ۽ ججهي ٿيندي: انهي ڏينهن تنهنجو چوپايو مال وڏين ويئن ۾ چرندو.


جيسين ڪ مٿان اسان تي روح نازل ٿئي، ۽ بيابان آباد ٻني ٿي پوي، ۽ آباد ٻني ٻيلي وانگر شمار ٿئي.


اوهين جي نهرن جي ڀرسان پوک ٿا ڪريو، ۽ ڏاندن ۽ گڏهن کي اوڏانهن ٿا موڪليو، سي مبارڪ آهيو.


هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا.


جيئن آسمان جو لشڪر شمار ڪري سگهڻ جو ناهي، نڪي سمنڊ جي واري ماپي سگهڻ جي آهي؛ تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي، ۽ پنهنجن خدمتگارن لاوين کي وڌائيندس.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.


پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ