9 ٻڍاپي ۾ مون کي ڇڏي نہ ڏي؛ ۽ هيڻائي جي وقت ۾ مون کي پاسي نہ ڪر.
9 مون کي ٻڍاپي جي وقت تي تون ڇڏي نہ ڏج. هائو، انهيءَ هيڻائيءَ جي وقت مون کي وساري نہ ڇڏج.
آءٌ اڄ اسي ورهين جو آهيان: آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان ٿو ڇا؟ جيڪي آءٌ کاوان ٿو، يا پيئان ٿو، انهيءَ جو مزو تنهنجو ٻانهو چکي سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ زالن جو آواز ٻڌي سگهان ٿو ڇا؟ تڏهن ڇو تنهنجو ٻانهو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي اڃا بہ بوجو ٿي پوي؟
جڏهن آءٌ ٻڍو ۽ اچي مٿي وارو ٿيان، تڏهن بہ تون مون کي ڇڏي نہ ڏج؛ جيسين ڪ آءٌ ٻي پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت، ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ايندا تن کي تنهنجي طاقت جي بابت نہ ٻڌايان.
منهنجو جسم ۽ منهنجي دل لهي ويئي آهي: پر خدا هميشہ جي لاءِ منهنجي دل جو زيور ۽ منهنجي ميراث آهي.
اسان جي ڄمار جا ڏينهن ستر ورهيہ آهن يا طاقت جي ڪري کڻي اسي ورهيہ ٿين، تڏهن بہ انهيءَ جي رونق فقط محنت ۽ غم آهي؛ ڇو جو اها جلد گذريو وڃي ۽ اسين اُڏامي ٿا وڃون.
۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس.
۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.
خداوند مون کي سڀ ڪنهن خراب ڪم کان ڇڏائيندو، ۽ مون کي پنهنجي آسماني بادشاهت ۾ صحيح سلامت پهچائيندو؛ انهي جو جلال شل هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.