Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:6 - Sindhi Bible

6 منهنجي ڄمڻ کان وٺي تو مونکي سنڀاليو آهي: تو مون کي منهنجيءَ ماءُ جي پيٽان ڪڍيو: آءٌ هميشہ تنهنجي تعريف ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 منهنجي ڄمڻ کان وٺي منهنجو اعتماد تو تي رهيو آهي. تون مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليندو رهيو آهين. آءٌ سدائين تنهنجي تعريف پيو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کان پري نہ ٿيءُ؛ ڇو جو مصيبت ويجهي آهي، ۽ مددگار ڪوبہ ڪونهي.


آءٌ هر وقت خداوند کي مبارڪ چوندو رهندس: منهنجو وات سدائين سندس تعريف ڪندو.


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جيڪي مغرور آهن ۽ ڪوڙ تي سندرو ٿا ٻڌن، تن ڏانهن مائل نٿو ٿئي.


پر آءٌ سدائين اُميد رکندس، ۽ توکي وڌيڪ ساراهيندو رهندس.


جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.


اي ٻيٽ منهنجي ٻڌو؛ اي پري جون قومون ڪن ڏيو: آءٌ پيٽ ۾ هوس، تڏهن کان خداوند مون کي سڏيو آهي؛ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان هن منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي.


هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.)


پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي.


هن وقت کان وٺي اڳتي تون پڪاري مون کي نہ چوندينءَ ڇا تہ اي منهنجا پيءُ تون منهنجي جوانيءَ جو رهبر آهين؟


پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي


۽ هميشہ خدا يعني پيءُ جا، خداوند يسوع مسيح جي نالي ۾ شڪرانا بجا آڻيندا رهو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ