Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:3 - Sindhi Bible

3 تون منهنجي رهڻ لاءِ قلعو ٿيءُ، جتي آءٌ هميشہ پيو اچان وڃان: تو منهنجي بچائڻ واسطي حڪم ڏنو آهي؛ ڇو جو تون منهنجو ٽڪر ۽ منهنجو قلعو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 مون لاءِ تون پناهہ جو ٽَڪر ۽ مضبوط قلعو ٿيءُ، تان‌تہ آءٌ تنهنجي حفاظت منجھہ پيو رهان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو محافظ ۽ منهنجو قلعو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.


خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.


آءٌ خداوند کي جو تعريف جي لائق آهي پڪاريندس: ۽ ائين آءٌ پنهنجن دشمنن کان بچي ويندس.


تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس.


اي خدا، تون منهنجو بادشاهہ آهين: يعقوب جي ڇوٽڪاري لاءِ حڪم جاري ڪر.


تنهنجي خدا حڪم ڏنو آهي تہ توکي مضبوطي ملي؛ اي خدا جيڪي تو اسان جي واسطي ڪيو آهي تنهن کي قائم ڪر.


آءٌ هن کي پنهنجو پهريتو ڪندس، ۽ زمين جي بادشاهن ۾ سڀني کان اعليٰ ڪندوسانس.


اي خداوند تون سڀني پيڙهين ۾ اسان جي پناهہ گاهہ ٿيو آهين.


ڇالاءِ جو اي خداوند، تون منهنجي پناهہ آهين! تو خدا تعاليٰ کي پنهنجي رهڻ جي جاءِ ڪيو آهي؛


خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو.


اهو بلندي تي رهندو: جابلو قلعا هن جي پناهہ ٿيندا: هن جي ماني کيس ڏني ويندي: ۽ هن کي پاڻي بہ ضرور ملندو.


ٻڍي توڙي جوان، ڪنواري توڙي ننڍن ٻارن ۽ زالن کي اصل قتل ڪري ڇڏيو: پر جنهن ماڻهوءَ تي نشان هجي، انهي کي ويجهو نہ اچجو؛ ۽ منهنجي پاڪ مڪان کان شروع ڪريو. تڏهن هنن بزرگن کان شروع ڪيو، جي گهر جي اڳيان هئا.


ازلي خدا تنهنجي پناهہ آهي، ۽ هن جون مدامي ٻانهون تنهنجي هيٺان آهن: ۽ هن دشمن کي تنهنجي اڳيان ڌڪي ڪڍيو، ۽ چيائين تہ هن کي برباد ڪري ڇڏ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ