Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:22 - Sindhi Bible

22 اي منهنجا خدا آءٌ ساز وڄائي تنهنجي سچائيءَ جي ساراهہ ڪندس: اي اسرائيل جا قدوس، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي، تنهنجي وفا جي واکاڻ ڪندس. اي بني اسرائيل جا پاڪ معبود! آءٌ دنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:22
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ڪنهن کي طعنو هنيو آهي ۽ ڪنهن جي حق ۾ ڪفر بڪيو اٿيئي؟ ۽ ڪنهن تي تو پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ پنهنجيون اکيون مٿي کنيون آهن؟ يعني اسرائيل جي پاڪ خدا تي.


بربط سان خداوند جو شڪر ڪريو: ڏهن تارن جي تنبوري تي هن جي تعريف ڳايو.


ڇو تہ اسان جي ڍال خداوند وٽان آهي؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسرائيل جي قدوس جي طرفان آهي.


يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.


تنهن ڪري جيئن باهہ جو شعلو بت کي کائي وڃي ٿو، ۽ جيئن سڪل گاهہ شعلي ۾ ڳيسجي وڃي ٿو، تيئن هنن جي پاڙ سڙي ڪِني ٿي ويندي، ۽ انهن جو ٻُور مٽيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي شريعت رد ڪئي آهي، ۽ اسرائيل جي پاڪ وجود جو ڪلام ڌڪاريو آهي.


اي خدا آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪڙو نئون گيت ڳائيندس: ڏهہ تارو تنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس.


هن اسرائيل جي گهراڻي لاءِ پنهنجو رحم ۽ پنهنجي وفاداري ياد ڪئي آهي: ۽ زمين جي سڀني ڇيڙن اسان جي خدا جي نجات ڏٺي آهي.


تون يعقوب کي سچائي ڏيندين، ۽ ابرهام کي رحم بخشيندين، جيئن تو قديم وقت کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.


جي چون ٿا تہ ڀلي تہ هو جلدي ڪري، ڀلي تہ هو تڪڙو ٿي پنهنجو ڪم ڪري تہ اسين اهو ڏسون: ۽ ڀلي تہ اسرائيل جي پاڪ خدا جي عدالت ويجهي ٿئي ۽ اچي پهچي، تہ اسين اها معلوم ڪريون!


پر لشڪرن جي خداوند جو درجو عدالت جي ڪري مٿي ڪيو ويو آهي.


آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري توکي سجدو ڪندس، آءٌ تنهنجيءَ ٻاجهہ ۽ سچائيءَ جي ڪري تنهنجي نالي جو شڪر ڪندس: ڇو جو تو پنهنجي ڪلام کي پنهنجي هر ڪنهن نالي کان مٿي ڪيو آهي.


آءٌ هميشہ خداوند جي رحمتن جا گيت ڳائيندس: ۽ سڀني پيڙهين ۾ منهنجو وات تنهنجي وفاداري ظاهر ڪندو.


پوءِ بہ انهن موٽي خدا کي آزمايو، ۽ اسرائيل جي قدوس کي ناراض ڪيائون.


خدا جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس: مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي، سو آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟


جيڪي خداوند جي عهد ۽ سندس شاهدين کي مڃين ٿا: تن لاءِ هن جون سڀ واٽون ٻاجهہ ۽ سچائي آهن.


ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،


تڏهن آءٌ خدا جي قربان گاهہ وٽ ويندس، يعني انهيءَ خدا وٽ جو منهنجي ڪمال خوشي آهي: اي خدا، منهنجا خدا، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڪندس.


اي زمين جا سڀ رهاڪو خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو: شوق سان خوشيءَ جا گيت ۽ تعريف ڳايو.


بربط وڄائي خداوند جي تعريف ڳايو؛ هائو بربط وڄائي مٺي آواز سان ڳايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ