Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:20 - Sindhi Bible

20 تو جنهن اسان کي گهڻيون ۽ سخت تڪليفون ڏيکاريون آهن، تون وري اسان کي جيئرو ڪندين، ۽ زمين جي تري مان اسان کي ڪڍي مٿي آڻيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تو مون کي گھڻين ۽ سخت تڪليفن ۾ پيڙي ڇڏيو آهي. پر تون ئي مون کي انهيءَ پاتال مان ڪڍي ٻاهر آڻيندين، ۽ هڪ نئين زندگي عطا ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:20
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ آءٌ تڪليفن مان لنگهندس، تڏهن بہ تون مون کي بحال ڪندين؛ تون منهنجي دشمن جي ڪاوڙ جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريندين، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مون کي بچائيندو.


تو پنهنجي قوم کي سختي ڏيکاري آهي: تو اسان کي آٿڙائڻ وارو شراب پياريو آهي.


ڇو جو مون تي تنهنجي گهڻي ٻاجهہ آهي؛ تو منهنجي جان کي اوڙاهہ جي تري مان ڪڍيو آهي.


پوءِ اسين تو کان ڪين ڦرنداسين: تون اسان کي جيئار ۽ اسين تنهنجو نالو وٺندا رهنداسين.


آءٌ جبلن جي ترن تائين هيٺ لهي ويس؛ ڌرتي پنهنجن گزن سان هميشہ لاءِ مون تي بند ٿي ويئي: انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تو منهنجي جان کي پاتال مان ڪڍيو آهي.


د منهنجي جان مٽيءَ ۾ ملي ويئي آهي: تون مونکي پنهنجي ڪلام پٽاندر جيار.


ڇالاءِ جو تون منهنجيءَ جان کي قبر ۾ ڪين ڇڏيندين؛ نڪي تون پنهنجي پاڪ شخص کي سڙڻ ڏيندين.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


(هاڻي اهو جو چيل آهي تہ هو مٿي چڙهي ويو، تنهن جو مطلب هن کانسواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو پاتال ۾ بہ لهي ويو؟


۽ ٽئين پهر يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ الوئي، الوئي، لما سبقتني؟ جنهن جو ترجمو آهي، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.


تون وري اسان کي جيئرو نہ ڪندين ڇا: تہ تنهنجي اُمت تو ۾ خوشي ڪري؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ئي گهر مان تو تي خرابي اُٿاريندس، ۽ تنهنجين اکين آڏو تنهنجون زالون وٺي تنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندس، ۽ اُهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


خداوند ماري ٿو ۽ جياري ٿو: اهو قبر ۾ لاهي ٿو ۽ انهيءَ مان ڪڍي ٿو.


پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن.


زمين جون اونهايون سندس هٿ ۾ آهن؛ ۽ جبلن جون چوٽيون بہ هنجون ئي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ