Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:18 - Sindhi Bible

18 جڏهن آءٌ ٻڍو ۽ اچي مٿي وارو ٿيان، تڏهن بہ تون مون کي ڇڏي نہ ڏج؛ جيسين ڪ آءٌ ٻي پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت، ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ايندا تن کي تنهنجي طاقت جي بابت نہ ٻڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 سو جڏهن آءٌ پوڙهو ۽ اڇي مٿي سان ٿيان، تڏهن بہ مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ، جيستائين ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت بابت نہ ٻڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق ٻڍو ٿيو ۽ اکين ۾ اهڙو ڌنڌ ٿيس، جو ڏسي نٿي سگهيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي سڏي چيو تہ اي منهنجا پٽ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


اُهي ايندا ۽ سندس سچائي ظاهر ڪندا: ۽ جيڪا قوم پيدا ٿيندي تنهن کي چوندا تہ هن ائين ڪيو آهي.


ڇو تہ هي خدا هميشہ تائين اسان جو خدا آهي: هو موت تائين اسان جو سونهون ٿيندو.


ٻڍاپي ۾ مون کي ڇڏي نہ ڏي؛ ۽ هيڻائي جي وقت ۾ مون کي پاسي نہ ڪر.


اُهي اسين انهن جي اولاد کان ڪين لڪائينداسين، بلڪ ايندڙ پيڙهيءَ کي بہ خداوند جي تعريف ۽ سندس قدرت، ۽ جيڪي عجيب ڪم هن ڪيا آهن سي ٻڌائينداسين.


تہ ايندڙ پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار ڄمن تن کي انهيءَ جي خبر پوي، ۽ اهي وري پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين.


انهيءَ ڏينهن تون پنهنجي پٽ کي ٻڌائج تہ جڏهن آءٌ مصر مان نڪتس، تڏهن خداوند جيڪي مون لاءِ ڪيو، تنهن جي ڪري ائين ڪيو ٿو وڃي.


۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس.


اي خداوند جي ٻانهن، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اڳين ڏينهن ۽ قديم پيڙهين جي وقت وانگي جاڳ. تون اها ناهين ڇا جنهن مصر کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ ازدها کي ونڌي ڇڏيو.


جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟


ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو:


هاڻي عيلي اٺانوي ورهين جو هو؛ ۽ هن جي اکين ۾ اهڙو ڌنڌ هو جو هو ڏسي نٿي سگهيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن خدا جي صندوق جو نالو ورتو تڏهن هو پٺيرو پنهنجي ڪرسيءَ تان دروازي جي پاسي ڪري پيو، ۽ سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ مري ويو: ڇالاءِ جو هو ڪراڙو هو ۽ ڳرو هو؛ ۽ هو چاليهہ ورهيہ اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ