Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:13 - Sindhi Bible

13 جيڪي منهنجيءَ جان جا دشمن آهن سي شرمندا ٿين، ۽ فنا ٿي وڃن؛ جيڪي منهنجا مٺگهرا آهن سي مهڻن ۽ بدناميءَ سان ڍڪجي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي شل ذليل وَ خوار ٿين. هائو، جيڪي مون تي تهمتون ٿا هڻن، سي شل خوار خراب ٿي ناس ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهودي، بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن جي شهرن ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ جن ماڻهن کين نقصان پهچائڻ ٿي چاهيو، تن تي هٿ کڻن: ۽ ڪوبہ ماڻهو هنن کي روڪي ڪين سگهيو؛ ڇالاءِ جو هنن جو خوف سڀني قومن تي پيل هو.


شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين.


آءٌ هن جي دشمنن کي شرم جي پوشاڪ ڍڪائيندس: پر هن تي سندس تاج رونق افروز ٿيندو.


جيڪي منهنجي نقصان ڪري خوش ٿا ٿين سي سڀ گڏجي شرمائجن ۽ منجهي پون: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شرم ۽ خواريءَ ۾ ٻڏن.


جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ ٿا گهرن سي شرمندا ۽ خوار ٿين: ۽ جيڪي منهنجا مٺ گهرا آهن سي پٺ تي هٽجي ڦڪا ٿين.


منهنجا سڀ دشمن ڦڪا ۽ پشيمان ٿيندا؛ اهي موٽي ويندا ۽ اوچتو شرمندا ٿيندا.


جيڪي اهو، اهو، ٿا ڪن، سي شرمندا ٿي پٺ تي هٽن.


منهنجي زبان بہ سڄو ڏينهن تنهنجي راستبازيءَ جو بيان ڪندي رهندي: ڇو تہ جيڪي منهنجا مٺگهرا هئا سي شرمندا ٿيا، ۽ منجهي پيا آهن.


ڏس، جيڪي تو تي ڪاوڙيل آهن سي سڀ شرمندا ۽ بدنام ٿيندا: جيڪي تو سان وڙهن ٿا سي حقير ۽ تباهہ ٿيندا.


پر خداوند هڪڙي زبردست ۽ خوفناڪ شخص وانگي مون سان آهي: تنهن ڪري مون کي ستائڻ وارا آٿڙندا، ۽ اُهي غالب نہ پوندا: هو تمام گهڻو شرمندا ٿيندا ڇالاءِ جو هنن ڏاهپ جي هلت نہ ڪئي آهي، بلڪ اهڙي خواري ڪئي آهي جا هميشہ تائين هلندي، ۽ ڪڏهن بہ وسري نہ ويندي.


ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ