12 اي خدا مون کان پري نہ ٿي: اي منهنجا خدا، منهنجي مدد لاءِ جلدي ڪر.
12 اي خدا! تون مون کان پري نہ ٿيءُ، اي منهنجا خدا! جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.
اي خداوند، تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ ۽ ڏکيءَ ويل تون پاڻ کي ڇو ٿو لڪائين؟
اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.
مون کان پري نہ ٿيءُ؛ ڇو جو مصيبت ويجهي آهي، ۽ مددگار ڪوبہ ڪونهي.
پر اي خداوند، تون مون کان پري نہ ٿيءُ؛ اي منهنجي طاقت سگهو اچي مون کي مدد ڏي.
اي خداوند تو پاڻ اهو ڏٺو آهي؛ خاموش نہ رهہ: اي خداوند مون کان پري نہ رهہ.
اي خداوند مهرباني ڪري مون کي ڇڏاءِ: اي خداوند سيگهہ سان منهنجي مدد ڪر.
منهنجي ويجهو اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ: منهنجي دشمنن کان مون کي ڇوٽڪارو ڏي.
پر آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان؛ اي خدا، جلد مون وٽ اچ: اي خداوند تون منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين؛ دير نہ ڪر.