1 اي خدا منهنجي ڇڏائڻ لاءِ سيگهہ ڪر؛ اي خدا منهنجي مدد ڪرڻ واسطي جلدي ڪر.
1 اي خدا! مون تي ٻاجھہ ڪري اچي مون کي ڇڏاءِ. اي خداوند! هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.
اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.
اي خداوند پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ مونکي نہ ڇينڀ: نڪي پنهنجي غصي ۾ مون کي سزا ڏي.
منهنجي ويجهو اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ: منهنجي دشمنن کان مون کي ڇوٽڪارو ڏي.
اي خدا مون کان پري نہ ٿي: اي منهنجا خدا، منهنجي مدد لاءِ جلدي ڪر.