Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 7:8 - Sindhi Bible

8 خداوند ماڻهن جي عدالت ٿو ڪري: اي خداوند، منهنجي راستبازيءَ ۽ منهنجي سچائيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي خداوند! انسانذات جو انصاف ڪندڙ تون ئي آهين. سو منهنجي سچائيءَ ۽ صداقت موجب منهنجو انصاف ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 7:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


ابرهام جو خدا، ۽ نحور جو خدا، ۽ سندن پيءُ جو خدا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪندو. تڏهن يعقوب انهيءَ جو قسم کنيو، جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


اي اسان جا خدا، تون انهن جو انصاف نہ ڪندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيڪا وڏي جماعت اسان سان وڙهڻ لاءِ ٿي اچي، تنهن سان سامهون ٿيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي؛ نڪا اسان کي خبر ٿي پوي تہ ڇا ڪريون: پر اسان جون اکيون توتي آهن.


خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.


شل ايمانداري ۽ سچائي منهنجي نگهباني ڪن، ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ئي انتظار ۾ آهيان.


اي خداوند، منهنجو انصاف ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان: مون خداوند تي پڪو ڀروسو رکيو آهي.


پر آءٌ پنهنجي سچائيءَ ۾ هلندس: مون کي ڇڏاءِ، ۽ مون تي رحم ڪر.


تون ئي مون کي منهنجيءَ سچائيءَ ۾ قائم ٿو رکين، ۽ مون کي هميشہ پنهنجي حضور ۾ ٿو رکين.


اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.


سو هن پنهنجي دل جي سچائيءَ موجب انهن جي نگهباني ڪئي؛ ۽ پنهنجي هٿ جي هوشياريءَ سان سندن رهبري ڪيائين.


خدا جي جماعت ۾ خدا موجود آهي، هو معبودن جو انصاف ٿو ڪري.


هو راستبازيءَ سان دنيا جي عدالت ڪندو، ۽ سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.


خداوند جي حضور ۾، ڇو جو هو اچي ٿو؛ هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ پنهنجي سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.


خداوند جي حضور، ڇو جو هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.


اُهو غريب ماڻهو جو پنهنجي سچائيءَ ۾ هلي ٿو سو بهتر آهي، انهيءَ ماڻهو کان جو پنهنجن چپن ۾ ڏنگو آهي ۽ بي عقل آهي.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ