7 تنهنجي چوڌاري ماڻهن جي جماعت گڏ ٿئي: ۽ تون انهن تان آسمان ۾ موٽي وڃ.
7 هائو، سڀني قومن کي پنهنجي آڏو آڻي گڏ ڪر، ۽ انهيءَ ميڙي جي مٿان تون عرش تان پنهنجو حڪم هلاءِ.
ڇو تہ جيتوڻيڪ خداوند بلند آهي، تڏهن بہ نماڻن تي نظر ٿو ڪري: پر مغرورن کي پري کان ئي سڃاڻيو وٺي.
اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا، اُٿ ۽ منهنجي انصاف لاءِ، بلڪ منهنجي معاملي لاءِ سجاڳ ٿي.
اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.
تنهنجن فيصلن جي ڪري ڀلي تہ صيون جبل خوشيون ڪري، ۽ يهوداهہ جون ڌيئرون خوش ٿين.
اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسرائيل جا خدا، تون سڀني قومن جو حساب وٺڻ لاءِ اُٿ: ۽ ڪنهن بہ بڇڙي گنهگار تي رحم نہ ڪر.
خداوند گهڻن پاڻين جي گوڙ شور کان، بلڪ سمنڊ جي وڏين لهرن کان مٿي، ۽ قادر آهي.
ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.
اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.
ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.