4 جيڪڏهن مون ڪنهن سان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڪئي آهي. (پر مون تہ پاڻ انهي کي بچايو آهي جو بي سبب منهنجو دشمن هو:)
۽ جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا، تہ يوسف پنهنجي داروغي کي چيو تہ اٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ ۽ جڏهن کين پهچين، تڏهن چئجان تہ اوهان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڇو ڪئي؟
تنهنجن ٻانهن مان جنهن وٽان اهو لڀي، سو ڀلي تہ ماريو وڃي، ۽ اسين بہ پنهنجي مالڪ جا غلام ٿينداسين.
خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين.
تہ تڏهن ڀلي منهنجو ڪلهو ڦڻيءَ کان ڪري پئي، ۽ منهنجي ٻانهن هڏي کان ڀڄي پوي.
جيڪڏهن منهنجو قدم رستي کان لڙي ٻاهر ويو آهي، ۽ منهنجي دل منهنجن اکين جي پٺيان لڳي هلي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو داغ منهنجن هٿن کي لڳو آهي؛
انهن ڀلائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي، ۽ پيار جي عيوض نفرت ڪئي اٿن.
هن اهڙن تي پنهنجا هٿ کنيا آهن جي ساڻس ٺهي ٿي هليا: هن پنهنجو عهد ڀڳو آهي.
صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي.
پر پولس وڏي سڏ پڪاري چيس، تہ پاڻ کي ايذاءُ نہ پهچاءِ، ڇالاءِ جو اسين سڀ هتي موجود آهيون.
۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟
تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن سڀني نوڪرن مان دائود جهڙو ايماندار ڪير آهي، جو بادشاهہ جو ناٺي آهي، ۽ تنهنجي درٻار ۾ شامل آهي، ۽ تنهنجي گهر ۾ عزت وارو آهي؟
تڏهن دائود پنهنجن ماڻهن کي ائين چئي روڪيو، ۽ سائول تي ڪاهي وڃڻ نہ ڏنو. ۽ سائول غار مان نڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.
تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.
ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.