Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 7:3 - Sindhi Bible

3 اي خداوند، منهنجا خدا، جيڪڏهن مون هي ڪيو آهي؛ جيڪڏهن منهنجي هٿان ڪا بڇڙائي ٿي آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3-4 اي خداوند، منهنجا خدا! جيڪڏهن منهنجي هٿن مان ڪو ظلم جو ڪم ٿيو آهي، يا جيڪڏهن ڪنهن دوست سان مون نيڪيءَ جي بدلي بدي ڪئي آهي، بلڪ دشمن جي بديءَ جي بدلي ۾ بہ جيڪڏهن نيڪي ڪري کيس نہ بچايو اٿم، هائو، جيڪڏهن مون کان اهڙو ڪو ڪم ٿيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 7:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن گناهہ تنهنجي هٿ ۾ هجي تہ اُهو اُڇلائي ڇڏ، ۽ شرارت کي پنهنجي تنبن ۾ رهڻ نہ ڏي.


گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن.


منهنجيءَ جان کي ترار کان؛ ۽ منهنجي پياري جان ڪتي جي چنبي کان ڇڏاءِ.


ڇالاءِ جو ڏس اهي منهنجي جان جي لاءِ ڇپ ماري ويٺا آهن؛ اي خداوند منهنجي ڪنهن بہ ڏوهہ يا گناهہ کانسواءِ، زبردست ماڻهو منهنجي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.


جيڪڏهن منهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي هجي ها، تہ خداوند منهنجي ڪين ٻڌي ها:


خداوند، خدائن جو خدا، خداوند، خدائن جو خدا، ڄاڻي ٿو، ۽ اسرائيل بہ ڄاڻندو، تہ جي سچ پچ اسان خداوند کان باغي ٿي، يا جي خداوند جو ڏوهہ ڪري (اڄ تون اسان کي نہ بچائج)،


تنهنڪري پنهنجي ٻانهي سان مهرباني جي رستي هل؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو آهي: پر جي مون ۾ گناهہ هجي تہ مون کي ڀلي قتل ڪري ڇڏ؛ پر ڇالاءِ تون مون کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ٿو هلين؟


۽ سائول هن کي چيو تہ تو، ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي برخلاف ٻڌي ڪئي آهي، جو تو هن کي ماني ۽ ترار ڏني، ۽ هن جي لاءِ خدا کان سوال گهريو تہ هو منهنجي برخلاف کڙو ٿئي، ۽ لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


جو اوهان سڀني منهنجي برخلاف منصوبو ڪيو آهي، ۽ جڏهن منهنجو پٽ يسيءَ جي پٽ سان ٻڌي ٿو ڪري تڏهن ڪوبہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نٿو ٻڌائي، ۽ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نٿو ڏکي، ۽ نڪو مون کي ٻڌائي ٿو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪرن کي چوري منهنجي برخلاف کڙو ڪيو آهي، ۽ وجهہ لاءِ لڪي ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن حال آهي.


۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.


۽ دائود سائول کي چيو تہ ڇالاءِ تون ماڻهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌين، جي چون ٿا تہ ڏس، دائود توکي ايذاءُ پهچائڻ ٿو گهري؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ