Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 7:13 - Sindhi Bible

13 هن انهي جي لاءِ موت جا هٿيار بہ تيار ڪيا آهن؛ هو پنهنجن تيرن کي باهہ جهڙا ٿو بنائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هو پنهنجي تيرن کي باهہ جا شعلا بڻائي ڇڏيندو. هائو، هو بدڪارن لاءِ موت جا هٿيار تيار ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 7:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو قادر مطلق جا تير منهنجي اندر ۾ چُڀيل آهن، جن جو زهر منهنجو روح پيو پيئي: خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي سامهون قطار ٻڌي بيهن ٿيون.


ڇالاءِ جو ڏس، بڇڙا پنهنجي ڪمان ڪشي تير زهہ تي چاڙهين ٿا، تہ سچيءَ دل وارن کي اوندهہ ۾ هڻن.


وڄ ڪيرائي انهن کي ڇڙوڇڙ ڪر؛ پنهنجا تير هڻي کين منجهائي ڇڏ.


هن پنهنجا تير هڻي اُنهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو، بلڪ وِڄون وسائي اُنهن کي بند ڪيائين.


تنهنجا تير تکا آهن؛ اهي بادشاهہ جي دشمنن جي دلين ۾ لڳن ٿا، ۽ قومون تنهنجي تابع ٿينديون.


جن پنهنجي زبان ترار جهڙي تکي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ ڪمانون ڪشيون آهن.


پر خدا انهن کي تير هڻندو؛ ۽ اهي اوچتو ڦٽجي پوندا.


هن دشمن وانگر پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، هو ويريءَ وانگر پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي بيٺو آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ سهڻا هئا تن سڀني کي ڪُٺو اٿس: صيون جي ڌيءَ جي تنبوءَ ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر هاري وڌي آهي.


تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛


تون پنهنجي قوم جي نجات لاءِ، پنهنجي مسح ڪيل جي ڇوٽڪاري لاءِ آيو آهين. تو شريرن جي گهر جي ڇت ڪيرائي ڇڏي ۽ سندن بنياد بلڪل اُگهاڙا ڪري ڇڏيا.


آءٌ انهن تي آفتن جا ڍير ڪندس: ۽ پنهنجا تير مٿن کپائي ڇڏيندس:


جيڪڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ ترار تکي ڪندس، ۽ عدالت جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻندس؛ تہ پوءِ جيڪي منهنجي مخالفت ٿا ڪن، تن کان وير وٺندس، ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن، تن کي بدلو ڏيندس.


آءٌ پنهنجن تيرن کي رت پياريندس، ۽ منهنجي ترار ماس کائيندي؛ اهو رت قيدين ۽ قتل ٿيلن دشمن جي سردارن جو هوندو.


ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها انصاف جي ڳالهہ آهي، تہ جيڪي اوهان کي ڏک ٿا ڏين، تن کي بدلي ۾ ڏک ڏئي،


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ