Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 7:10 - Sindhi Bible

10 منهنجي ڍال خدا وٽ آهي؛ هو دل جي سچارن کي بچائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 بيشڪ خدا ئي منهنجو محافظ آهي. اهو ئي دل جي سچارن کي بچائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 7:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.


تہ تون آسمان ۾ پنهنجي رهڻ واريءَ جاءِ مان ٻڌج ۽ بخشج، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي سندس سڀني رستن موجب بدلو ڏج، جو انهي جي دل جي توکي خبر آهي؛ (ڇالاءِ جو فقط تون بني آدم جون دليون سڃاڻين ۽ ڄاڻين ٿو؛)


جيڪڏهن تون پاڪ ۽ سچو هوندين؛ تہ پوءِ يقين آهي تہ هو تو لاءِ اُٿندو، ۽ تنهنجي سچائيءَ جي جاءِ کي سڀاڳو ڪندو.


هن جو نسل زمين تي زوراور ٿيندو: ۽ راستبازن جي اولاد مبارڪ ٿيندو.


اي خداوند جيڪي نيڪ ۽ سچيءَ دل وارا آهن، تن سان تون ئي ڀلائي ڪر.


پر اي خداوند، تون منهنجي چوڌاري ڍال آهين؛ تون ئي منهنجو جلال ۽ منهنجو سرفراز ڪندڙ آهين.


ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.


ڇو تہ اسان جي ڍال خداوند وٽان آهي؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسرائيل جي قدوس جي طرفان آهي.


جيڪي ڏنگيءَ دل وارا آهن تن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جيڪي ڪامل رستي وارا آهن، تن مان هو خوش ٿو ٿئي.


ڇالاءِ جو سچا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهندا، ۽ ڪامل انهيءَ ۾ وڃي بچندا.


جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.


پر اي لشڪرن جا خداوند، تون جو سچائي سان انصاف ڪرين ٿو، ۽ گردن ۽ دل جي آزمائش وٺين ٿو، سو تون هنن کان وير وٺ تہ آءٌ ڏسان: ڇالاءِ جو مون پنهنجي دعويٰ تنهنجي اڳيان پيش ڪئي آهي.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ