Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 69:8 - Sindhi Bible

8 آءٌ پنهنجن ڀائرن وٽ ڌاريو، پنهنجيءَ ماءُ جي اولاد وٽ پرديسي ٿي پيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پنهنجي مٽن مائٽن وٽ آءٌ ڌاريو ٿي پيو آهيان، بلڪ پنهنجيءَ ئي ماءُ جي اولاد وٽ آءٌ اجنبي ٿي پيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 69:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجن سڀني دشمنن جي ڪري پنهنجن پاڙيسرين ۾ خوار ٿيو آهيان، جيڪي منهنجا واقف آهن سي مون کان ڊڄن ٿا: ۽ جيڪي مون کي واٽ تي ٿا ڏسن سي مون کان پاسو ٿا ڪن.


منهنجا پيارا ۽ دوست منهنجيءَ آفت جي وقت مون کان پري ٿي بيٺا آهن؛ ۽ منهنجا مٽ مائٽ ڏور ٿي بيٺا آهن.


اي خداوند تنهنجي دشمنن ڪيئن نہ طعنا هنيا آهن، بلڪ جنهن کي تو مسح ڪيو اهي تنهن کي قدم قدم تي طعنا ٿا هڻن.


شل خداوند سدائين مبارڪ هجي. آمين آمين.


مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.


يقين، هن اسان جا ڏک سٺا آهن، ۽ اسان جا غم کنيا اٿس: انهي هوندي بہ اسان هن کي خدا جو ماريل ڪٽيل ۽ ستايل سمجهيو،


اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.


پر هي سڀ انهي ڪري ٿيو آهي تہ نبين جون لکيتون پوريون ٿين. تڏهن سندس سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.


هو پنهنجن وٽ آيو، ۽ پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.


ڇوتہ سندس ڀائرن بہ مٿس ايمان ڪونہ آندو هو.


۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ