27 انهن جي خطا تي خطا چاڙهہ: ۽ کين پنهنجيءَ راستبازيءَ ۾ اچڻ نہ ڏي.
27 تون سندن ڪلهن تي ڏوهن مٿان ڏوهہ پيو چاڙهہ، ۽ سندن هڪڙو بہ ڏوهہ معاف نہ ڪر.
۽ هنن جو قصور نہ ڍڪ، هنن جو گناهہ پنهنجي اڳيان ميٽي ڇڏڻ نہ ڏي: ڇالاءِ جو هنن توکي، اڏڻ وارن جي اڳيان، ڪاوڙايو آهي.
ڇالاءِ اوهين مون کي خدا وانگر ستايو ٿا، ۽ منهنجي بت تي رحم نٿا ڪريو.
شل انهي جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري خداوند کي ياد هجي، ۽ سندس ماءُ جو گناهہ ميسارجي نہ وڃي.
اهو ئي خداوند کان برڪت لهندو، ۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کان سچائي حاصل ڪندو.
سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.
پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.
پر هن ڀيري بہ فرعون پنهنجي دل سخت ڪئي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.
پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ کي فرمايو هو.
ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.
۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.
يقين، هن اسان جا ڏک سٺا آهن، ۽ اسان جا غم کنيا اٿس: انهي هوندي بہ اسان هن کي خدا جو ماريل ڪٽيل ۽ ستايل سمجهيو،
۽ جيڪي اوهان مان باقي بچندا، سي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري اوهان جي دشمنن جي ملڪن ۾ مري ڳري ويندا؛ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري بہ انهن سان گڏ مري ڳري ويندا.
۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو.
۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛
تنهنڪري هو جنهن تي رحم ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن تي رحم ٿو ڪري، ۽ جنهن کي سخت دل ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن کي سخت دل ٿو ڪري.
پر اسرائيل، جو راستبازيءَ جي شريعت جي ڳولا ۾ هو، سو انهيءَ شريعت تائين ڪونہ پهتو.
سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي: خدا هن کي بدلو ڏيندو؛